گوورڌن شرما گھايل

گوورڌن شرما گھايل

گوورڌن شرما گھايل

گوورڌن شرما ’گهايل‘: سنڌي ٻوليءَ جو مشھور شاعر گوورڌن شرما ’گهايل‘، ضلعي دادوءَ جي ميھڙ شھر ۾ پھرين ڊسمبر 1937ع تي، مھاراج نامديو گوڪلداس شرما جي گهر جنم ورتو. سندس والد ڀڳت ڪنور رام ۽ هند جي ٻين فنڪارن سان، ڀڳت وقت طبلي تي ڍولڪ، تانپوري، سارنگي، سرندي ۽ هارمونيم تي سنگت ڪندو هو. ورهاڱي کان پوءِ سندس خاندان لڏي وڃي پوني (هندستان) ۾ رهيو. سندس تعليم ايم. اي (هندي، پونا يونيورسٽي، 1974ع) ۽ راشٽر پاشا رتن (1957ع) آهي. هن شاعريءَ جي شروعات 1953ع کان ڪئي. هري درياڻي ’دلگير‘ سندس ادبي استاد هو. ان کان علاوه هن صحافت، ڊراما نويسي، ليکڪ ۽ استاد طور پاڻ مڃايو. هڪ تربيت يافته پوسٽ گريجوئيٽ طور هن آديپور، گانڌيڌام، ڪنڊلا، بڙودا، پوني ۽ دبئي ۾ پنجاهه سالن تائين هڪ استاد طور تعليمي شعبي ۾ خدمتون انجام ڏنيون. ٻوليءَ جي ماهر طور مھاراشٽر جي مختلف اسڪولن ۽ پوني يونيورسٽيءَ ۾ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر پڻ رهيو. فيبروري 2010ع ڌاري ورهاڱي کان پوءِ هو پھريون ڀيرو سنڌ گهمڻ آيو. اُن موقعي تي سنڌي ادبي سنگت ميھڙ پاران سندس چونڊ شاعريءَ جو مجموعو ’۽ مان سنڌ پھچي ويس‘ ڇپائي پڌرو ڪيو.شاعريءَ ۾ هن غزل ۽ نظم کان سواءِ بيت، سورٺا، گيت ۽ هائيڪا پڻ لکيا آهن. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”ڇيڙ سکي سرگم“ (شاعري: 1960ع)، ”اهي مائر ڀلي مرڪن“ (شاعري: 1964ع)،”ڪونجون ٿيون ڪڻڪن“ (شاعري: 1967ع)، ”قلم جو سپاهي“ (شاعري: 1973ع)، ”بڙودا جا سنڌي ڪلاڪار“، ”ميڙي چُونڊي“ (شاعري: 1998ع)،”ٽڪرا ٽڪرا ننڊ“ (شاعري: 2001ع)، ”ڪي ساعتون سڄڻن سان“ (انٽرويو: 2001ع)، پيھي منجهه پاتار“ (مقالا: 2010ع)، ”هوند راج دکايل“ (2010ع)، ”سڳداسي چانور“ (مقالا)، ”بيوس هڪ اڀياس“، ”بيوس درشن“ ۽ ”اکيون ٻوٽجڻ کان اول“ (2021ع) شامل آهن. اُن کان سواءِ راشٽريه ڀاشا وڪاس پريشد (دهلي)، مھاراشٽر راجيه سنڌي ساهتيه اڪادمي (بمبئي)، اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهتيه سڀا (دهليسنڌي ٻولي ڪلا وڪاس سڀا (دهلي)، سنڌي ادبي سڀا ۽ راشٽر ڀاشا پرچار ادارن جو مختلف وقتن تي ميمبر ۽ عھديدار پڻ رهيو آهي. ريڊيو آڪاشواڻي ۽ درو درشن سان به ڪيترو ئي عرصو جڙيل رهيو آهي. ادبي ڪمن جي مڃتا طور کيس مختلف ادارن پاران اوارڊ ۽ انعام پڻ مليل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1937.12.01  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جو مشهور شاعر گوورڌن شرما ’گهايل‘، ضلعي دادوءَ جي ميهڙ شهر ۾ پهرين ڊسمبر 1937ع تي ڄائو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻڍڙو فقير
سوڀراج نرملداس فاني
جهنگل شاهه مست
اٻوجهو الهه بخش
شبير هاليپوٽو
سيد نادر علي شاهه فراق
سائر مزمل هاليپوٽو
شيخ محمد
ساحر راهو
فاضل خان ٺٽوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون